About


About Halejvi Dargah Haleji Sharif


جُنيدِ سنڌ
حضرت حمادالله هاليجوي رحمت الله عليه
ليکڪ :زاهد قمر مِسڻائي

سنڌ ۾ سوين الله جا پيارا، الله لوڪ درويش ۽ ڪامل ولي آرامي آهن،  ۽ وقت جي ڪسوٽي انهن کي، انساني ذهن تان مٽائڻ بدران تاريخ جي ورقن تي سونهري اکرن ۾ محفوظ رکيو آهي، انهن عظيم بزرگن مان حضرت هاليجوي به هڪ آهي. حضرت حمادالله هاليجوي رحمت الله عليه پنهنجي وقت جو جنيد بغدادي، عارف بالله، اهل ڪشف و ڪرامت ۽ بصارت ۽ بصيرت جو صاحب ٿي گذريو آهي. جنهنکي اسين سڀ پيار مان “سائين جن” جي پياري نالي سان ياد ڪندا آهيون. پاڻ پني عاقل (سکر) جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي هاليجي شريف ۾ سن 1301 هجري مطابق 1882ع ۾ ڄاوا، سندس والد جو نالو مولوي میان محمود بن حمادالله انڍڙ هو.
حضرت هاليجوي جن عربي تعليم استاد العلماء مولانا قمرالدين انڍڙ وٽ حاصل ڪئي ۽ دستارِ فضيلت به اُتي حاصل ڪئي علم حديث جي سَند مولانا عبيدالله سنڌي رحه کان حاصل ڪيائون. حضرت هاليجي شريعت جي علمن جي تڪميل کانپوءِ طريقت ۽ معرفت جون منزلون ملڪ جي مشهور بزرگ سيدالمجاهدين تاج الاولياء مولانا سيد محمود امروٽي وٽ طئي ڪيون، پاڻ سندن هٿ تي بعيت ڪيائون.
حضرت امروٽي جي روحانيت جو چرچو اُن وقت سڄي برصغير ۾ هو. سندس مريدن ۽ معتقد لکن جي تعداد ۾ هئا. ست هزار غير مسلم ، جنهن ۾ هندو، سک ۽ عيسائي به شامل آهن. سندن هٿ مبارڪ تي مسلمان ٿيا. جن جا نالا والدين سميت اڄ به درگاهه امروٽ جي رجسٽر ۾ محفوظ آهن.
حضرت هاليجي ظاهري علم، تقوا ۽ عبادت ۾ ته اڳي پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ويتر جوکين حضرت امروٽي جهڙو مهربان مرشد ملي ويو، تنهن کين جلدي اوج ۽ عروج تي پهچايو، حضرت امروٽي لاءِ مشهور آهي ته پاڻ فرمايئندا هئا ته “اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان جو مکڻ حماد الله کڻي ويو”.
انهي ڪري هاليجي حضرت امروٽي جو تمام گهڻو ادب ڪندا هئا. سندس نقش قدم تي هلي ڏيکاريو، سندن ساٿ ۾ ان وقت شامل ٿيو جڏهن هندوستان پوري آزادي جي تحريڪ پوري زور شور سان جاري هئي، حضرت حمادالله به جمعيت علماءِ هند ۾ شامل ٿي پنهنجي مرشد حضرت امروٽي جي حڪم هيٺ آزادي جي جنگ ۾ هڪ سپاهي وانگر پوري طرح مسلح ٿي ڪري ميدان ۾ اچي ويا. حضرت هاليجوي عالم دين سان گڏ هڪ وڏو مدبر سياستدان به هو.
حضرت هاليجوي جي زندگي ڏکن سان ڀريل هئي، کاڌي ۽ پيتي جي لذتن کان پري هئا. طبيعتن انتهائي سادو منجهس خود نمائي، وڏائي جو نالو نشان ڪونه هو. سندس بردباري، مهرباني ۽ سخاوت عجيب هئي.
پاڻ سادو کائيندا ۽ پائيندا هئا، گوڏ، پهراڻ ۽ مٿي تي ننڍو پٽڪو سندن پوشاڪ هئي، ڪڏهن پهراڻ بدران هڪ صدري پهرينداهئا. پاڻ هڪ تمام سادي ۽ غريباڻي گهر ۾ رهندا هئا، هڪ جهوپڙي نما گهر جنهن جي ڇت تيز برسات ۾ ٽمي پوندي هئي، سندس گهر به هڪ سادگي جو عجيب مثال هو، جنهنکي ڏسڻ سان پراڻي دور جو زمانو ياد اچي ويندو هو.
هاليجي هڪ صوفي منش هو، فرقه واريت کان پري، سندن پيغام محبت ۽ انسانيت جو پيغام هو، هن جي نوراني شخصيت ۾ خدا پاڪ اهڙي ته ڪشش رکي هئي جو هڪ ڀيرو وٽن آيو، اهو سدائين لاءِ هن جو ٿي ويو. سندن آستاني تي مسلمان ته ٺهيو پر غير مسلم هندو مسلمان عيسائي به حاضريون ڀريندا هئا.
پاڻ سانجهي نماز بعد ماڻهن ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا ۽ ماڻهو به حلقو ٻڌي وهندا هئا ۽ قادري طريقي جو ذڪر شروع ڪندا هئا ۽ ماڻهو به سندن اتباع ڪندا هئا. حضرت هاليجي جي خاص خليفن ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارو وڏو بزرگ ۽ مان مرتبي وارو ٿي گذريو آهي.
حضرت هاليجي جو حليو، بُت ۾ ڀريل، پيشاني ڪشادي، منهن گول ويڪرو، اکيون وڏيون منجهن اوجاڳي جا آثار بلڪل نمايان نظر ايندا هئا.
سونهاري مبارڪ گهاٽي چاپوئين اڇي جهڙي ڦٽين مان تازي نڪتل ڪپهه هجي. حضرت هاليجي رحه وڏو عاشق رسول هو، پاڻ قرآن شريف جو بلند پائي جو مفسر ۽ شارح هو. سندس فصاحت ۽ قابليت جون جهڪليون سندس لافاني تصنيف الياقوت والمرجان في لغات القرآن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون.
افسوس هي سنڌ جي عظيم روحاني هستي 18 اپريل 1962ع بروز اربع تي هي جهان ڇڏي، وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.
زاهد قمر مِسڻائي جي لکيل ڪتاب ”ولهار جو ولي“ تان ورتل
———————————————————-